عشق جي آزي

عشق جي آزي

عشق جي آزي

عشق جي آزي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور صوفي شاعرن مخدوم حڪيم نظام الدين نظامي صديقي ۽ مخدوم محمد عالم صديقيءَ جي ڪلام تي مشتمل آهي. جنهن کي نامور اديب ۽ شاعر مخدوم محمد ابراهيم ‘راحم’ صديقيءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين حصي ۾ مخدوم نظام الدين نظامي ۽ ٻئي حصي ۾ محمد عالم صديقيءَ جو ڪلام شامل آهي. پهرين حصي ۾ نظام الدين صديقيءَ جي شاعريءَ تي ناليواري اديب مقصود گل جو ‘گمنام صوفي شاعر’ جي سري سان، جڏهن ته راحم صديقي ۽ شمس گاد جا رايا ۽ ٻئي حصي ۾ آفتاب ابراهيم صديقيءَ جو محمد عالم صديقيءَ تي مضمون شامل آهي. ڪتاب ۾ ٻنهي شاعرن جو ڪلام ڏنل آهي. ڊيمي سائيز جي 121 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻي طرفان 2002ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو